طالب العلم رسالو

طالب العلم (رسالو): هي ماهوار سنڌي رسالو 1930ع ۾ ڪراچي جي کڏي واري علائقي مان سر عبدالله هارون جي قائم ڪيل يتيم خاني ’جامع اسلاميه يتيم خانا‘ پاران مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي ادارت ۽ سر عبدالله هارون جي سرپرستيءَ هيٺ نڪرندو هو. هن رسالي ديني پرچار ۽ انگريز مخالف تحريڪ ۾ پاڻ موکيو. خاص ڪري شاگردن ۾ شعور ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ هن رسالي جو چڱو ڪردار رهيو. اُن وقت جا ڪيترائي عالم ۽ سياسي ورڪر هن رسالي ۾ لکندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو